تازا ترين

بنگلاديش ۾ شاگردن جي سول نافرماني تحريڪ: پهرين ڏينهن مظاهرن ۾ 23 ڄڻا مارجي ويا

بنگلاديش ۾ شاگردن سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، ان دوران اڄ ٿيندڙ مظاهرن ۾ هينئر تائين 23 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، شاگرد وزيراعظم شيخ حسينه واجد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

بنگلاديش ۾ شاگرد پنهنجا مطالبا منظور نه ٿيڻ سبب هڪ دفعو ٻيهر روڊن تي اچي ويا آهن ۽ هن ڀيري شاگردن وزيراعظم شيخ حسينه واجد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي ملڪ ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي. هزارن جي انگ ۾ شاگرد روڊن تي موجود آهن ۽ حڪومت جي خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي رائٽرز موجب اڄ ٿيندڙ مظاهرن ۾ پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪرين جي دوران هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 23 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي  ٿي چڪا آهن.

بنگلاديش جي ميڊيا موجب  حڪومت شام 6 وڳي کان پوءِ ڪرفيو لڳائڻ جا به حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته احتجاجي مظاهرن کي نظر ۾ رکندي انٽرنيٽ سروس به بند ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته بنگلاديش ۾ 1971ع جي جنگ وڙهندڙن جي ٻارن کي سرڪاري نوڪرين ۾ 30 سيڪڙو ڪوٽا ڏيڻ جي خلاف گذريل مهيني ڪيترن ڏينهن تائين احتجاج جاري هئا. جنهن ۾ 200 ڄڻا فوت ٿيا جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪري ڇڏيو هو. پر شاگرد پنهنجي ساٿين کي انصاف ملڻ تائين احتجاج جاري رکڻ ۽ سول نافرماني جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيخ حسينا واجد پاران بنگلاديش واپسي جو فيصلو؟ پٽ جو اهم بيان سامهون اچي ويو

ڪجهه ڏينهن اڳ بنگلاديش ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن جي نتيجي ۾ شيخ حسينا واجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے