جماعت اسلامي پاور ڊويزن ۽ لاڳاپيل ادارن جي اڪائونٽس جي آڊٽ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ سرڪلر ڊيٽ جي سببن جو جائزو وٺڻدي آءِ پي پيز بابت ناقص پلاننگ جو اعتراف ڪيو ويو آهي.
آڊٽ رپورٽ موجب بجلي جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ آءِ پي پيز جو استعمال صحيح طريقي سان نه ڪيو ويو. حڪومت بجلي جي قيمت جو تعين ۽ حڪومتي گارنٽي جو غلط استعمال لڪل مفادن جي تحت ڪيو. 2013 کان 2023 تائين بجلي جي لاڳت جي مقابلي ۾ ادائگيون وڌيڪ ڪيون ويون، بجلي جي پيداوار کي منتقل ڪرڻ ۽ ورهاست جو نظام به اڻپورو هو.
ٽرانسميشن سسٽم صرف 23 هزار ميگاواٽ جو لوڊ کڻي سگهيو ٿي جڏهن ته پيداواري صلاحيت 36 هزار ميگاواٽ تائين وڌائي وئي. آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو ته امپورٽڊ فيول آئل سان بجلي پيدا ڪرڻ جي پلانٽس تي وڌيڪ دارومدار رکيو ويو. 1994ع جي پاور پاليسي ۾ فرنس آئل ۽ گيس مان بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس کي مراعتون ڏنيون ويون.
بجلي جي خريداري ۾ به لاڳاپيل ادارن جي بي ضابطگين سان صارفين کي مهانگي بجلي مهيا ڪئي وئي. بجلي پيدا ڪندڙ هر پلانٽ جي سالياني ڪيپسٽي ٽيسٽ لازمي ٿيندي آهي پر هر سال طريقيڪار موجب ٽيسٽ نه ٿيڻ سبب پلانٽس کي ڪيپسٽي پيمنٽس جي خلاف رقم ڏني وئي.
آڊٽ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته حڪومتي پاليسي کي اهڙي انداز ۾ ٺاهڻ ملڪ جي معاشي ڍانچي کي هلائي ڇڏڻ جي برابر آهي. ڊسڪوز ڪمپنيز کي روينيو گڏ ڪرڻ جي لاءِ صحيح طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي. نيپرا ڊيسڪوز کي ريوارڊ ۽ پينلٽي جو ٽارگيٽ ڏئي سگهي ٿي ته جيئن اهي پنهنجا نقصان گهٽ ڪري سگهن