تازا ترين

حڪومت ڳالهين کان پوءِ ڀڄڻ جو رستو ڳولي رهي آهي، عوام کي رليف ملڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو: لياقت بلوچ

ڌرڻي مذاڪراتي ڪميٽي جي سربراهه ۽ جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته حڪومت ڳالهين کان پوءِ ڀڄڻ جو رستو ڳولي رهي آهي، عوام کي رليف نه ڏيڻ سان حڪومت ملڪ کي تباهي طرف وٺي وڃي رهي آهي، اسان جو ڌرڻو عوام کي رليف ملڻ تائين جاري رهندو.

جماعت اسلامي جو بجلي جي وڌيڪ قيمتن، آءِ پي پيز، مهانگائي ۽ اضافي ٽيڪسز جي خلاف راولپنڊي ۾ جاري ڌرڻو 10 ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي. لياقت باغ جي هنڌ تي وڏي انگ ۾ ڪارڪن موجود آهن.

ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو ته حڪومت ڳالهين کان پوءِ هاڻ ڀڄڻ جو رستو ڳولي رهي آهي. جماعت اسلامي جو حق ڏيو ڌرڻو ڪاميابي سان جاري آهي، هن چيو ته مسلم ليگ(ن) پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم عوام جي مقابلي  ۾ نٿيون بيهي سگهن. عوام کي رليف نه ڏيڻ سان حڪومت ملڪ کي وڌيڪ خطرناڪ صورتحال طرف وٺي وڃي رهي آهي. هن چيو ته سي پيڪ، پاڪ چين دوست جو ثمر آهي، جماعت اسلامي سي پيڪ جي حامي آهي، حڪومت سي پيڪ تي پنهنجي پارٽي سياست بند ڪري.

ٻئي طرف جماعت اسلامي جو ڪراچي ۾ گورنر هائوس جي ٻاهران به ڌرڻو اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهي، جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان به ڪراچي پهچي ويو آهي جيڪو اڄ رات 8 وڳي ڌرڻي کي خطاب ڪندو.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 16 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي صوبي ۾ ماڻهن جي زندگي جو خاتمو ڪيو ويو آهي پر ڪير به پڇڻ وارو نه آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڊگهي وقت کان ظلم ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ وڏيرا عوام تي ظلم ڪري رهيا آهن، وڏيرن جي ظلمن جون خبرون رپورٽ نه ٿي رهيون آهن.

ٻئي پاسي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چوندي هڪ دفعو ٻيهر گورنر هائوس ۾ اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.

هن چيو ته گورنر هائوس جا دروازا عوام جي لاءِ کلي چڪا آهن. ڌرڻي ۾ شريڪ نوجوان آءِ ٽي ڪورسز ۾ داخلا جي لاءِ تعليمي سرٽيفڪيٽ گڏ آڻين سڀني کي آءِ ٽي ڪورسز ڪرائڻ جي لاءِ تيار آهيان ته جيئن نوجوان هنرمند بڻجي سگهن.

سنڌ جي گورنر جي هدايت تي ڪراچي ۾ جاري جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۾ شريڪ مظاهرين جي چانهه سان خاطر تواضح ڪئي وئي ۽ پاڻي جون بوتلون به اماڻيون ويون.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے