مهانگي بجلي، رڪارڊ ٽيڪسز ۽ مهانگائي جي خلاف لياقت باغ چوڪ، مري روڊ تي جماعت اسلامي جو ڌرڻو 10 ڏينهن به جاري آهي.
راولپنڊي ۾ ڪڪر هجڻ سبب موسم خوشگوار آهي، ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جي لاءِ ناشتي ۾ نان ۽ گرم حلوي سان خاطر تواضح ڪئي وئي.
هينئر تائين جماعت اسلامي ۽ حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي وچ ۾ 2 دور هلي چڪا آهن جيڪي بنا ڪنهن نتيجي تي پهچڻ سبب ختم ٿي ويا آهن.
جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ پريس ڪانفرنس ۾ آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪندو جڏهن ته جماعت اسلامي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته مظالبا پورا ٿيڻ تائين نه صرف ڌرڻو جاري رهندو پر انهي کي ملڪ گير سطح تائين پکيڙي سگهجي ٿو.
مري روڊ جي هڪ سائيڊ عام ٽريفڪ جي لاءِ کليل آهي ۽ ٽريفڪ روان دوان آهي جڏهن ته ڪاروباري سرگرميون به معمول موجب جاري آهن