تازا ترين

پيپلز پارٽيءَ حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

پيپلز پارٽيءَ حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

 پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته حڪومت کي خطرو آهي ته وزراعظم صدر کي ايڊوائس ڪري ۽ اسيمبلي ٽوڙينيون چونڊون ڪرائي

ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي ڪو خطرو آهي ته اسان سان شيئر ڇو نه ڪيو ويو؟ پارليامينٽ ۾ حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر حڪومت ڪجهه ته ڊيليور ڪري، صدر آصف زرداري بار بار چئي چڪو آهي ته ويهي  ڳالهيون ڪريو

هن چيو ته صدر زرداري  ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو پر ڪير ويهڻ لاءِ تيار ناهي، پ پ آئيني بالادستي تي يقين رکي ٿو، حل به آئين موجب نڪرندو، جيڪڏهن سسٽم ڊي ريل ٿي ويو ته نقصان ملڪ جو ٿيندو، پي ٽي آءِ باني اعتبارجوڳو ناهي، هو ڳالهين کان پوءِ ڦري ويندو آهي

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني هڪ ڏينهن چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، ٻئي ڏينهن وري ڪجهه ٻيوچوندو آهي، هڪ ڏينهن چوي ٿو  تهڳالهين جو اختيار محمود اچڪزئي کي ڏنو آهي، ٻئي ڏينهن چوي ٿو ته اختيار ناهي ڏنو، ڳالهيون ان سان ڪبيون آهن، جنهن تي اعتبار هجي

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني يوٽرن کي پنهنجي سياست جو معراج سمجهي ٿو، نواز شريف جي وطن واپسي جو ڪريڊٽ بينظير ڀٽو ڏانهن وڃي ٿو، پرويز مشرف يونيفارم نه لاهي ها ته ڇا نواز شريف واپس اچي ها؟ عام چونڊن کان اڳ پارٽي فيصلو ڪيو هو ته بلاول ڀٽو وزيراعظم جو اميدوار هوندو

هن چيو ته اسان 8 فئبروري جي چونڊن جا نتيجا تحفظات سان قبول ڪيا. پ پ کي منصوبي تحت ڪجهه سيٽون ڏنيون ويون، ن ليگ جو ساٿ نه ڏيون ها ته ڇا اڄ پارليامينٽ ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جي آفيس هلي سگهي ها؟

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے