تازا ترين

ڌرڻو مسئلي جو حل نه آهي، مهانگي بجلي جو حل جنهن وٽ آهي اهو ماهرن کي وٺي اچي: احسن اقبال

منصوبه بندي کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته مهانگي بجلي جو حل جنهن وٽ آهي اهو پنهنجن ماهرن کي وٺي اچي ۽ حڪومت سان ويهي مسئلي جو حل ڪڍي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته بجلي جو مسئلو ڌرڻن ۽ مظاهرن سان حل ٿيڻ وارو نه آهي انهي جو هڪڙو ئي حل معاشي ترقي ۽ استحڪام آهي.

وفاقي وزير چيو ته مهانگي بجلي جو حل جنهن وٽ آهي اهو پنهنجي ماهرن سان گڏ اچي ۽ حڪومت سان ويهي مسئلي جو حل ڪڍي اهو بهتر عمل آهي.

احسن اقبال وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي موجوده معاشي حالتن کان ڪڍڻ جي لاءِ ايڪسپورٽ ايمرجنسي جي ضرورت آهي. برآمدات کي جلد 31 ارب مان وڌائي 100 ارب ڊالرز تائين کڻي وڃڻو آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے