تازا ترين

ڪي پي حڪومت بابت شڪايتون، عمران خان وڏو قدم کڻي ورتو

خيبرپختونخواهه حڪومت جي گورننس بابت شڪايتن تي پي ٽي آءِ جي باني 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا وزيرن ۽ ايگزيڪٽو سيڪريٽريز خلاف الزامن جي جاچ ڪندي.

خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جي هدايتن تي بدعنواني ۽ گورننس بابت ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن ۾ اڳوڻو گورنر شاهه فرمان، خاص مددگار مصدق عباسي ۽ قاضي انور شامل آهن.

هن چيو ته ڪميٽي جا ميمبر پي ٽي آءِ باني پاڻ نامزد ڪيا آهن، ڪميٽي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي تي نظر رکندي ۽ سمورن کاتن جي نگراني به ڪندي.

بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته ڪميٽي وزيرن ۽ انتظامي سيڪريٽرين بابت الزامن جي جاچ ڪندي، جيڪڏهن الزام ثابت ٿيا ته لاڳاپيل وزيرن يا انتظامي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته صوبائي وزير شڪيل خان گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪري مختلف کاتن ۾ بدعنوانين جي شڪايت ڪئي هئي

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے