تازا ترين

آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين وڙهنداسين: علي امين گنڊاپور

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين وڙهنداسين ۽ علي امين گنڊاپور شهيدن جي وارثن کي سرڪاري هائوسنگ ۾ پلاٽ ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي.

پشاور ۾ پوليس جي شهيدن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته تقريب ۾ موجود شهيدن جي خاندانن، پوليس جي ويڙهاڪن ۽ آفيسرن کي سلام پيش ڪريان ٿو.

هن چيو ته اسان جو مقابلو اندروني ۽ ٻاهرين سازشن سان آهي، اسان وٽ پئسو هجي يا نه هجي پراسان جي ترجيح هوندي ته پوليس کي وسائل فراهم ڪيون، اڄ پوليس شهيدن جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، فوج ۽ تمام ادارن جن شهادتون ڏنيون آهن، سڀني کي سلام پيش ڪريان ٿو.

علي امين گنڊاپور چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ٿيڻ تائين خوشحالي نه ٿي اچي سگهي، دهشتگرد جيڪي حملا ڪري رهيا آهن اهو جهاد ناهي، جهالت آهي، دهشتگرد پنهنجي اصلاح ڪن ۽ ماڻهن کي شهيد نه ڪن.

هن چيو ته اسان کي صوبي ۾ امن ۽ خوشحالي جو ماحول بڻائڻو آهي ته جيئن اسان ڪامياب ٿي سگهون، اسان پوليس کي فنڊ ڏئي ڇڏيا آهن،

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ ۾ وي پي اين کي بلاڪ نٿا ڪري سگهون،ان سان ڪاروبار کي نقصان پهچندو: پي ٽي اي اختياريون

 پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) جي اختيارين چيو آهي ته ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ(وي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے