تازا ترين

بلوچستان ۾ برسات: رستا بند ٿيڻ سبب پيٽرول جي کوٽ، ايراني پيٽرول 550 روپيه ليٽر ملڻ لڳو

بلوچستان ڏانهن ايندڙ  رستن جي بندش سبب ڪوئٽه سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ پيٽرول جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

ڪوئٽه جي  مختلف پيٽرول پمپن تي پيٽرول جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ايران کان مڪران ايندڙ رستا بند ٿيڻ سبب ايراني پيٽرول جي سپلاءِ بند آهي. جنهن سبب ايراني پيٽرول وڪرو ڪندڙ ننڍا پيٽرول پمپ بند ٿي ويا آهن جتي پيٽرول موجود آهي اتي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن.

ڪوئٽه سميت سموري صوبي ۾ ايراني پيٽرول جو وڪرو وڌيڪ ٿيندو آهي ايراني پيٽرول جي کوٽ جو بار شهر ۾ قائم پيٽرول پمپس تي پيو جتي آچر تي مختلف پيٽرول پمپ تي پيٽرول ختم ٿيڻ سان پيٽرول جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي.

جتي پيٽرول موجود آهي اتي مهانگي اگهن تي وڪرو ٿي رهيو آهي، بلوچستان جي ضلعي دکي ۽ لورالائي ۾ ايراني پيٽرول جي قيمت 550 روپيه ليٽر تائين پهچي وئي آهي.

بلوچستان پيٽروليم ايسوسيئيشن جي عهديدارن قيام الدين آغا چيو آهي ته پيٽرول جي سپلائي بحال ٿي وئي آهي رات دير تائين صورتحال بهتر ٿي ويندي

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے