تازا ترين

بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينا واجد استعيفيٰ ڏئي ڀارت فرار

بنگلاديش ۾ پرتشدد مظاهرن بعد وزيراعظم حسينه واجد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڀارت فرار ٿي وئي.

بنگلاديش ۾ هڪ مهيني کان جاري پرتشدد احتجاج ۽ سوين ماڻهن جي موت کانپوءِ بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ ملڪ مان فرار ٿي وئي.

ڀارت ۾ موجود بنگلاديشي هاءِ ڪميشن وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ جي تصديق ڪري ڇڏي.

برطانوي ميڊيا موجب بنگلاديشي وزيراعظم حسينه واجد کي آرمي چيف 45 منٽن جي ڊيڊ لائن ڏني هئي، بنگلاديش جي آرمي چيف وقارالزمان قوم کي خطاب ۾ ملڪ ۾ عبوري حڪومت جي قيام جو اعلان ڪيو آهي.

برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب حسينه واجد ۽ ان جي ڀيڻ(وزيراعظم جي سرڪاري رهائشگاهه) تان فوجي هيليڪاپٽر ۾ ڀارت هلي وئي آهي. حسينه واجد تقرير رڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿي پر انهي کي ائين ڪرڻ جو موقعو به نه ملي سگهيو. مظاهرين وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي رهائشگاهه تي حملو ڪري ڏنو جنهن کي قابو ڪرڻ جي لاءِ روڊن تي پوليس ۽ فوج جو وڏو انگ موجود آهي.

خبرون ڏيندڙ ايجنسي طرفان اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته شيخ حسينه واجد جي استعيفي ڏيڻ تي بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا جي روڊن تي مظاهرين جشن ملهائي رهيا آهن. هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش ۾ هن وقت 4 لک ماڻهو روڊن تي موجود آهن. ڀارتي ميڊيا موجب شيخ حسينه واجد ڀارتي شهر اگرله پهتي آهي ۽ ڀارت کيس محفوظ رستو ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي.

بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم مخالف شاگردن  طرفان سول نافرماني جي تحريڪ جي اعلان کان پوءِ پرتشدد مظاهرين ۾ گڏيل فوتين جو انگ 300 تائين پهچي ويو.

ياد رهي ته 70 ورهين جي حسينه واجد 2009 کان بنگلاديش تي حڪومت ڪئي آهي ۽ هن جنوري ۾ لاڳيتو چوٿون ڀيرو چونڊن ۾ ڪنهن به مخالفت کان سواءِ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ڇو ته ملڪ جي مرڪزي اپوزيشن پارٽي نيشنل پارٽي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيخ حسينا واجد پاران بنگلاديش واپسي جو فيصلو؟ پٽ جو اهم بيان سامهون اچي ويو

ڪجهه ڏينهن اڳ بنگلاديش ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن جي نتيجي ۾ شيخ حسينا واجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے