تازا ترين

حالتون ڪنٽرول کان نڪري ويون ته وزيراعظم کي ايئرپورٽ وڃڻ جو موقعو نه ملي سگهندو: حافظ نعيم الرحمان

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حالتون ڪنٽرول کان نڪتيون ته وزيراعظم کي ايئرپورٽ وڃڻ جو به موقعو نه ملي سگهندو.

ڪراچي ۾ گيس ۽ بجلي جي ڳرن بلن، آءِ پي پيز سان عوام دشمن معاهدن، ظالماڻي ٽيڪسز جي خلاف گورنر هائوس تي جاري ڌرڻي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪمرانن ظلم کي انتها تي پهچائي ڇڏيو آهي. صورتحال اها آهي ته ملڪ ۾ ڌارين جو قبضو ٿي ويو آهي. اسان انهي قابل به نه رهياسين ته پنهنجي مرضي سان ڪو فيصلو ڪري سگهون. ٻاهريان ماڻهو پاڪستاني قوم کي غلام بنائڻ چاهين ٿا. موجوده بجيٽ ۾ نوڪري ڪندڙ ماڻهن جو گلو دٻايو ويو آهي. وچولي طبقي جو ملازم ٽيڪس جمع ڪرائيندو يا پنهنجو گهر  هلائيندو.

جماعت اسلامي پاڪستان جي امير چيو ته اسان تڪرار نٿا چاهيون پر جيڪڏهن عوام پاڻ نڪري حڪمرانن جو گهيراءُ ڪندي ته هنن جو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ مشڪل ٿي ويندو. جڳهه جڳهه تي عوام هوندي، حالتون ڪنٽرول کان نڪتيون ته انهي جو ذميوار ڪير هوندو؟ وزيراعظم صاحب اوهان اڳ به فرار ٿيندا رهيا آهيو، ڪٿي حالتون اهڙيون خراب نه ٿي وڃن جو اوهان کي نه ٻيڙي ۾ وڃڻ جو موقعو ملي نه وري ايئرپورٽ وڃڻ جو ان لاءِ اسان چئون ٿا ته وزيراعظم حالتن کي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيڻ کان اڳ عوام جا مطالبا پورا ڪري ۽ انهن کي رليف ڏئي جعلي ٽيڪسز جو ڌنڌو ۽ وياج جي معيشت کي ختم ڪيو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته فارم 45 موجب فيصلا ڪيا ويندا ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ ان جي سموري خاندان سميت سندن اتحادي به گهر هليا ويندا. وزيراعظم عوام جي ڪاوڙ کان بچڻ جي لاءِ مطالبا منظور ڪري ٻئي صورت ۾ تحريڪ حڪومت ڪيرايو تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويندي.

حافظ نعيم چيو ته جماعت اسلامي جا مطالبا عوام جو جائز حق آهي انهي کي مڃيو وڃي جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ته لاهور، پشاور ۽ ڪوئٽه جي گورنر هائوس تي به ڌرڻا هنيا ويندا، روڊ بند ڪري ڇڏينداسين، جماعت اسلامي جي تحريڪ پنهنجي مٿان ظالم حڪمرانن کي هٽائڻ جي تحريڪ آهي. اسان تحريڪ جي پهرين مرحلي ۾ 7 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا رکيو آهي.

هن چيو ته بجلي جي قيمت گهٽ ڪئي وڃي ۽ انهي جي لاڳت موجب بل اماڻيا وڃن ان کان اڳ جو اسان عوام کان بجلي جا بل ادا نه ڪرڻ جي اپيل ڪريون، حڪمران هوش کان ڪم وٺن.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے