تازا ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، شاخن ۾ گهارا پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي،  ڪيترن علائقن ۾ برساتي نالن ۾ چاڙهه ۽ مختلف شاخن ۾ گهارا پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، تيار ٿيل فصل پاڻي هيٺ اچڻ سبب آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي.

ڪراچي جي علائقي گلشن حديد، ملير، شاهراهه فيصل، ايئرپورٽ، گلستان جوهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، فيڊرل بي ايريا، گلشن اقبال، ڊرگ روڊ، راشد منهاس روڊ، پي آءِ بي، ناظم آباد سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو  سلسلو جاري آهي، برسات کان پوءِ شهر جي مختلف روڊن تي ٽريفڪ جي روانگي متاثر آهي جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي آهي.

ٻئي پاسي روهڙي ڪينال ۾ ڏيڍ سئو فٽ گهارو پوڻ سبب زرعي زمينون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن. ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ چيو آهي ته سکر بيراج  کان روهڙي ڪينال جو پاڻي بند ڪرايو ويو آهي، پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ کان پوءِ گهارا ڀرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو.

ٻئي طرف جيڪب آباد جي علائقي ميرانپور جي ڀرسان بيگاري ڪينال کي 100 فوٽ گهارو پئجي ويو جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل چانورن جي فصل متاثر ٿي وئي ۽ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.

سکر جي تعلقي صالح پٽ ۾ بمبلي مائينر ۾ گهارو پوڻ شاخن جو پاڻي چئن ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪپهه جي فصل پاڻي هيٺ اچي وئي.

کير ٿر  جابلو سلسلي ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات سبب گاج، سول ندي ۽ نلي بليلي ۾ چاڙهه اچڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ٻوڏ وهڪرن سبب تعلقي جوهي جون 5 يونين ڪائونسلون متاثر ٿيون آهن جڏهن ته فريد آباد جي 65 کان ڳوٺن جو جوهي سان رابطو ڪاٽا ٿي ويو، ٻوڏ صورتحال سبب جوهي جي حفاظتي بند جي نئين سر تعمير ٿيل پلن ۾ به ڏار پئجي ويا آهن.

خيرپور ۾ به تيز برسات سبب روڊ شهري ۽ ڳوٺاڻا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، کجين، ڪپهه سميت ٻيو فصل سخت متاثر ٿي ويو آهي. جڏهن ته بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ به تيز برساتن سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي آهي. صحبت پور ۾ شاهي واهه ڪينال ۾ گهارو پوڻ سبب ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، پنجره پل جي هنڌ تي بولان ندي ۾ به ٻوڏ صورتحال آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے