ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته فوج ڪنهن خاص سياسي سوچ ۽ پارٽي کي گڏ کڻي نه پئي هلي.
پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فوج ڪنهن خاص سياسي سوچ، پارٽي کي گڏ کڻي نه پئي هلي، پر پاڪستان ۽ ترقي کي گڏ کڻي هلي رهيا آهيون.
يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سان هن چيو ته پاڪ فوج ڪشميري قوم جي حق خود اراديت جي حمايت ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪ فوج ڪشميرين ۽ انهن جي سمورين قربانين تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ ان جي مڪمل حمايت جو ارادو ڪري ٿي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جيئن اسان پنهنجي گذريل پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته پاڪ فوج جي خلاف منظم پروپيگنڊا ۽ ڪوڙين خبرن ۾ اضافو ٿيو آهي. وڌندڙ ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا کي نظر ۾ رکندي اسان پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته دهشتگردي جي خلاف بهتر قدمن ۽ پاڪ فوج جي پيشه وارانه سرگرمين جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ ضروري آهي.
هن چيو ته دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جي خلاف هينئر تائين هلندڙ سال ۾ 23 هزار 622 ننڍا، وڏا انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا. صرف 15 ڏينهن جي دوران ٿيندڙ آپريشن جي دوران 24 دهشتگرد کي ماريو ويو.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته دهشتگردي جي ناسور کي منهن ڏيڻ جي لاءِ روزاني 100 کان وڌيڪ آپريشن پاڪ فوج، انٽيليجنس، پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ٻين ملڪن ۾ فوج جي معاشي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، اسان وٽ صرف تنقيد ٿيندي رهندي آهي.
پاڪستان جي حڪومت تازو ئي هڪ اهم فيصلي ۽ نوٽيفڪيشن جي ذريعي پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي کي فتنه جي نالي سان نوٽيفاءِ ڪيو آهي. هاڻ انهي کي انهي نالي سان سڏيو ويندو ۽ ان سان جڙيل هر دهشتگرد کي خارجي سڏيو ويندو. ان جو سبب اهو آهي ته هي نه ڪا تحريڪ آهي ۽ نه ئي ان جو دين اسلام يا پاڪستان سان ڪو تعلق آهي.
هن چيو ته هلندڙ ڏينهن ۾ 28 ۽ 29 جولاءِ تي ضلعي مهمند ۾ انٽيليجنس آپريشن جي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو. اهڙي طرح ضلع ڊيره اسماعيل خان ۾ به انٽيليجنس ڪارروائي ۾ اهم خارجي دهشتگرد مارجي ويو. جيڪو 12 ڊسمبر 2024 تي دهشتگردي جي واقعي ۾ سهولتڪاري سميت ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هو.
ترجمان چيو ته 2024 جي پهرين 7 مهينن دوران ڪائونٽر ٽيررازم آپريشن جي دوران 139 بهادر آفيسرز ۽ جوانن شهادت ماڻي پوري قوم انهن بهادرن ۽ سندس وارثن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ اداري ۽ سيڪيورٽي ايجنسيز پاڪستان جي داخلي ۽ بارڊر سيڪيورٽي کي وڌيڪ محفوظ بنائڻ جي لاءِ ڪيتري مصروف عمل آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف اسان جي ڪامياب جنگ دهشتگرد ۽ دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندي.
پاڪ فوج جي تعليم، صحت سميت ٻين شعبن ۾ ڪمن بابت تفصيل ٻڌائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪائونٽر ٽيررازم فوجي آپريشن کان علاوه پاڪ فوج خاص طور تي پاڪستان آرمي عوام جي لاءِ فلاحي ڪمن ۾ اڳيان وڌي حصو وٺندي آهي.
هن چيو ته بلوچستان ۾ ايف سي ۽ پاڪ فوج طرفان مختلف علائقن ۾ ٻارن کي تعليم جون بهتر سهولتون ڏيڻ جي لاءِ 92 اسڪول هلايا پيا وڃن جنهن ۾ 19 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پاڪ فوج جي تعاون سان بلوچستان جي 253 شاگردن کي متحده عرب امارات جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم به ڏني وئي آهي.