تازا ترين

لاڙڪاڻو: ڳوٺ ٺارو خان جاگيراڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل

لاڙڪاڻو تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٺارو خان جاگيراڻي ۾  ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٺارو خان جاگيراڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدارن فائرنگ ڪري 40 ورهين جي علي محمد پٽ مير خان جاگيراڻي ۽ عورت ريما کهاوڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا

اهڙي اطلاع تي حد جي  پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته قتل ٿي ويل نوجوان ۽ عورت جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.

ان حوالي سان تعلقي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته کهاوڙ ذات جي هٿياربندن ڪارنهن الزام هيٺ تان علي محمد جاگيراڻي ۽ عورت ريما کهاوڙ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے