تازا ترين

پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر شاهد صديق جي قتل جو ڊراپ سين، پٽ قاتل نڪتو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ نجي اسپتال جي مالڪ ڊاڪٽر شاهد صديق جي قتل ۾ اهم اڳڀرائي  سامهون اچي وئي آهي.

پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته آرگنائيزڊ ڪرائم يونٽ اقبال ٽائون مقتول جي پٽ قيوم شاهد کي پڪين شاهدين تي گرفتار ڪري ورتو آهي. قيوم شاهد مبينه طور تي شوٽر جي مدد سان والد کي قتل ڪرايو.

ڊاڪٽر شاهد جي قتل جو ڪيس ان جي ٻئي پٽ تيمور جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو هو، مقتول ڊاڪٽر شاهد صديقي جي جنازي نماز به قيوم شاهد پڙهائي هئي.

ڪيس جي ايف آءِ ار موجب قتل وقت ڊاڪٽر شاهد  سان گڏ سندس پٽ قيوم ۽ ڀاءُ ساجد به موجود هو، ڊاڪٽر شاهد صديقي پنهنجي ڪار ۾ ويهڻ لڳو ته شوٽر سندس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني جڏهن ته ان جو پٽ قيوم سامهون پنهنجي ڪار ۾ موجود هو.

ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر شاهد صديق جي قتل جي جاچ  دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن پوليس موجب ڊاڪٽر شاهد جي پٽ قيوم پنهنجي ويجهي دوست سان ملي پيءُ کي قتل جو منصوبو ٺاهيو جوابدار قيوم جي دوست کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. قيوم هڪ ڇوڪري سان پيار جو پرڻو ڪرڻ چاهيو ٿي. ڊاڪٽر شاهد صديق جي انڪار ڪرڻ تي جنوري ۾ به ان تي قاتلاڻو حملو ڪرايو هو.

پوليس موجب قيوم جنوري ۾ پيءُ جي قتل جي ڊيل 50 لک روپين ۾ ڪئي هئي ڊاڪٽر شاهد صديق تي ٻيو حملو 2 ڪروڙ روپين ۾ ڪرايو ويو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے