تازا ترين

گورنر ڪامران ٽيسوري جماعت اسلامي جي ڪارڪنن جي خواهش پوري ڪري ڇڏي

گورنر ڪامران خان ٽيسوري اُميد جي گهنٽي وڄائي پڪوڙن جو مطالبو ڪندڙ جماعت اسلامي ڪارڪن جي خواهش پوري ڪري ڇڏي.

سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس جي ٻاهران ئي تازه پڪوڙا ٺهرائي ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين ۾ ورهايا جنهن تي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن سنڌ جي گورنر جو ٿورو ادا ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته ڌرڻو هڻندڙ مظاهرين مهمان آهن انهن جي خدمت جاري رهندي. هن چيو ته مظاهرين ڪشمير تي ڀارت جي ظلمن خلاف آواز بلند ڪندا ۽ آگسٽ جي مهيني کي ملڪ ۾ يڪجهتي جي طور تي ملهائيندا.

ياد رهي ته ان کان اڳ مهانگائي ۽ بجلي جي ڳرن بلن خلاف ڪراچي ۾ گورنر هائوس جي ٻاهران جماعت اسلامي جي ڌرڻي دوران دلچسپ صورتحال ڏسڻ لاءِ ملي جڏهن جماعت اسلامي جي ڪارڪنن گورنر هائوس ۾ لڳل فرياد جي گهنٽي وڄائي شڪايت ڪئي ته سنڌ جي گورنر برسات دوران پڪوڙا کارائڻ جو  واعدو ڪيو هو پر اڃان تائين پڪوڙا نه  مليا آهن.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے