مخالف ڌر جي سخت احتجاج ۽ شور شرابي دوران قومي اسيمبلي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي.ان دوران اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظوري لاءِ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل کي غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پڻ پيش ڪئي وئي، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو.بلال اظهر ڪياني پاران ٺهراءُ پيش ڪيو ويو جنهن جي مخالف ڌر سخت مخالفت ڪئي، اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ ايوان ۾ نعريبازي ڪئي، اسپيڪر جي ڊائس جو گهيرو ڪيو ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.ان دوران علي محمد خان ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن جي قانون واري وزير مخالفت ڪئي.قانون واري وزير اعظم نذير چيو ته هي قانون سازي آئين جي روح موجب آهي غير آئيني ناهي،علي محمد خان چيو ته هي قانون سازي اسان جو رستو روڪڻ لاءِ آهي، سندس 41 ميمبرن حلف ناما ڏنا ته سندن تعلق سني اتحاد ڪائونسل سان آهي، اوهان جي وڪيل چيو ته هو سني اتحاد ڪائونسل لاءِ مخصوص سيٽن جو مطالبو ڪري رهيا آهن.جنهن پارٽي اليڪشن ۾ حصو نه ورتو ان کي مخصوص سيٽون نٿيون ڏئي سگهجن، اسان ڪنهن به ڏوهه ۾ ترميم ڪرڻ وارا نه آهيون.علي محمد خان چيو ته سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي هئي، آهي ۽ رهندي، هن اليڪشن ڪميشن کان سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ 39 ميمبرن لاءِ حلال ۽ 41 ميمبرن لاءِ حرام آهي؟ اسان هن ترميمي بل کي رد ڪريون ٿا، قانون سازي ضرور ٿيڻ گهرجي پر اها ملڪي مفاد ۾ هئڻ گهرجي، ان قانون سازي خلاف عدالت ۾ ويندا.بعد ۾ اسپيڪر اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي شق وار منظوري جو عمل شروع ڪيو ۽ مخالف ڌر جي سخت احتجاج ۽ شور دوران ايوان اڪثريت راءِ سان بل منظور ڪري ورتو جڏهن ته ايوان اڪثريت راءِ سان اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل کي رد ڪري ڇڏيو.
هي به ڏسي سگهو ٿا
دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو
دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …