امير جماعت اسلامي ڪراچي منعم ظفر چيو آهي ته بجلي جي بلن تي ٽيهه يا چاليهه قسم جا ٽيڪس لڳندا آهن، هاڻي بجلي جي بلن تي به ميونسپل ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، جماعت اسلامي به نيپرا ۾ پنهنجو ڪيس وڙهي رهي آهي.ڪراچي ۾ گورنر هائوس ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي منعم ظفر چيو ته اڄ اسان جي ڌرڻي جو چوٿون ڏينهن آهي، عوام جو جوش وڌي رهيو آهي.منعم ظفر جو چوڻ آهي ته قوم مهانگي بجلي تي پريشان آهي ۽ شهر ۾ لوڊشيڊنگ به ٿي رهي آهي، حڪمران مفت بجلي، پيٽرول ۽ پروٽوڪول ختم ڪن.هن چيو ته آءِ پي پيز جا معاهدا عوام خلاف آهن، عوام کي سستي بجلي ڏني وڃي، آءِ پي پيز جا معاهدا بحال ڪيا وڃن. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير جو چوڻ آهي ته ٻارن جي اسٽيشنري تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي، اسان وٽ پلان بي ۽ سي آهي، لاهور ۾ هاءِ وي تي به احتجاج ڪري سگهون ٿا
هي به ڏسي سگهو ٿا
دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو
دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …