تازا ترين

دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽس ۾ 6 هزار 400 ارب ڊالر ٻڏي ويا

ٽن هفتن دوران دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽس ۾ سيڙپڪارن جا 6 هزار 400 ارب ڊالر ٻڏي ويا آهن. 5 آگسٽ تي اسٽاڪ مارڪيٽ جي اسڪرينن تي چمڪندڙ انگ ايتري تيزي سان مٽبا ۽ هيٺ ٿيندا رهيا جو اسٽاڪ مارڪيٽ جا چڱا ڀلا ماهر به حيران آهن. بلوم برگ جي رپورٽ موجب ٽوڪيو جو اسٽاڪ مارڪيٽ نڪي 225 پوائنٽ يعني 12 سيڪڙو هيٺ هلي وئي، سيئول ۾، ڪوسپي انڊيڪس 9 سيڪڙو ڊائون آهي، جڏهن ته نيو يارڪ ۾ به خطر جي گهنٽي وڳي ۽ چند سيڪنڊن ۾ Nasdaq 6 سيڪڙو هيٺ هلي وئي. ڪرپٽو ڪرنسيز کي به وڏو ڌڪ لڳو آهي. دنيا ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڦيرڦار جي انڊيڪس VIX آسمان تي پڄي وئي ۽ سيڙپڪار پريشان ٿي ويا. اڪثر سيڙپڪار پنهنجي سيڙپڪاري سرڪاري بانڊز ۾ منتقل پيا ڪن، جيڪي ڊگهي مدت لاءِ آهن عام طور وڌيڪ محفوظ سمجها ويندا آهن. مارڪيٽ ۾ لاها چاڙها ايندا آهن پر ٽن هفتن جي ٻاڙائي وارو جهٽڪو ڪڏهن بند ٿيندو يا اڃا به مارڪيٽ هيٺ ويندا ان بابت ڪنهن کي به پڪ ناهي. هڪ شئي ضرور واضح آهي ته عالمي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جي جيڪي سالن کان پئمانا بڻيل هئا، اهي ڌڏي ويا آهن. سنگاپور جي ميزو بئنڪ جي اڪنامڪ ڊويزن جي سربراهه وشنو ويراٿن جو چوڻ آهي ته پوري دنيا ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جا شيئر ايترو ته تيزي سان گهٽ ٿيا آهن جو ڪريل پرائيس تي انهن جي خريداري کليل چاقو جهپڻ جيان خطرناڪ بڻجي ويا آهن. سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ تيزي سان وڪري جو رجحان جاري رهيو ته اهو عمل دنيا جي مالياتي نظام جا گيئر ڦاسائي ڇڏيندو ۽ پوري دنيا ۾ اڪنامڪ رسيشن يعني معاشي ڪساد بازاري ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو. سڀني جو خيال آهي ته آمريڪي فيڊرل ريزرو جيڪڏهن سيپٽمبر ۾ رٿيل اجلاس ۾ وياج جي شرح گهٽ نه ڪئي ته دنيا جي معيشتن کي نقصان ٿيندو. جاپان هلندڙ سال ٻه ڀيرا وياج جي شرح وڌائي آهي. مسٽر ايڊ يارڊيني اڌ صديءَ تائين مارڪيٽن کي ويجهڙائي سان ڏٺو آهي، سندس چوڻ آهي ته اڄڪلهه اسٽاڪ مارڪيٽس جو اوچتو زوال 1987 واري ڪاري سومر جي ڏينهن واري ياد تازي ڪري ڇڏي آهي جڏهن هڪ ڏينهن ۾ ڊائو جونز انڊسٽريل ايوريج کان 23 سيڪڙو هيٺ ڪريو هو ۽ بظاهر اهو اقتصادي عذاب لڳي رهيو هو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

سون مسلسل ٽئين ڏينهن به سستو ٿي ويو

 ملڪ ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن سون جي قيمتن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے