تازا ترين

سنڌ جي غير حاضر استادن جو پرڏيهي ملڪن ۾ موجود هجڻ جو انڪشاف، ڪارروائي جو فيصلو

سنڌ جي تعليم کاتي ڊگهي وقت کان غير حاضر استادن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

تعليم کاتي موجب ضلعي بينظير آباد جي مستقل غير حاضر استادن مان ڪيترائي پرڏيهي ملڪن ۾  موجود هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

تعليم کاتي ٻڌايو ته قائدن جي خلاف پرڏيهه ويندڙ استادن جو ايف آءِ اي کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، تعليم کاتي موجب شهيد بينظير آباد جي پرڏيهه ويندڙ غير حاضر استادن جو رڪارڊ ايف آءِ اي ڏئي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي طرفان ڏنل رپورٽ جي روشني ۾ غير حاضر استادن جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

ايف آءِ اي پهرين مرحلي ۾ شهيد بينظير آباد جي غير حاضر استادن جو رڪارڊ ڏئي ڇڏيو آهي، ايف آءِ اي طرفان استادن جي ٽريولنگ هسٽري سميت سمورو رڪارڊ تعليم کاتي کي ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب تعليم کاتي ايف آءِ اي رپورٽ جي روشني ۾ غير حاضر استادن جي خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے