بنگلاديش جي صدر شهاب الدين پارليامينٽ کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. بنگلاديشي ميڊيا موجب شاگرد اڳواڻ بنگلاديش جي پارليامينٽ کي ٽوڙڻ لاءِ صدر کي 3 وڳي تائين مهلت ڏني هئي.ٻئي طرف بنگلاديش نيشنل پارٽي جي ترجمان اي ڪي ايم وحيد الزمان اي ايف پي کي ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ خالده ضياءَ کي آزاد ڪيو ويو آهي.
