تازا ترين

8 آگسٽ کان ڌرڻو اڳيان وڌندو، 14 آگسٽ کان پوءِ مڪمل هڙتال ڪئي ويندي: حافظ نعيم الرحمان

جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 8 آگسٽ کان ڌرڻو اڳيان وڌندو، 14 آگسٽ کان پوءِ مڪمل هڙتال ڪئي ويندي.

حافظ نعيم الرحمان مهانگي بجلي جي خلاف راولپنڊي ڌرڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آءِ پي پيز جا ڪجهه معاهدا ختم ۽ ڪجهه تي نظر ثاني ڪئي وڃي جڏهن ته سمورن معاهدن جو فرانزڪ آڊٽ ڪرايو وڃي، بجلي جي بلن سبب گهرن جي بجيٽ تباهه ٿي وئي آهي، بجلي جا بل بجلي جي لاڳت موجب اماڻيا وڃن.

هن چيو ته سرڪاري ڳالهين واري ڪميٽي تياري جو وقت وٺي وئي هئي، جيڪا گم ٿي وئي، سرڪاري ڪميٽي جي گم ٿيڻ جو اشتهار ڏيڻو پوندو، حڪومت پريشان آهي، ڌرڻي سبب حڪومت جي عياشين ۾ رنڊڪ اچڻ لڳي آهي، ڳالهين واري ڪميٽي ۾ آڊيٽر جنرل پاڪستان، چيئرمين واپڊا، فيڊرل چيمبر آف ڪامرس ۽ صارفين جي نمائندن کي شامل ڪيو وڃي.

حافظ نعيم چيو ته 8 آگسٽ تي ڌرڻي جي مظاهرين اڳيان وڌندا ۽ مري روڊ تي وڏو مارچ ٿيندو، 11 آگسٽ تي لاهور ۾ وزيراعليٰ هائوس جي ٻاهران وڏو ڌرڻو هنيو ويندو ۽ جلسو ٿيندو، پشاور ۾ 12 آگسٽ تي ڌرڻو ۽ جلسو ٿيندو، سڄي ملڪ ۾ شٽرڊائون هڙتال جو سڏ به ڏينداسين، 14 آگسٽ کان پوءِ ملڪ گير مڪمل هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته في الحال حڪومت ڪيرائڻ اسان جي ايجنڊا نه آهي پر اهو حڪومت مٿان آهي ته هو اسان جا مطالبا منظور ڪري ٿي يا نه.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے