حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله چيو آهي ته اسرائيل تي حملو جلد ٿيڻ وارو آهي ۽ حملي جي وقت بابت غير يقيني صورتحال اسرائيل جي سزا جو حصو آهي.عرب ميڊيا موجب هڪ بيان ۾ حسن نصر الله چيو ته اسرائيل جنگي جهازن سان لبنان جي فضائي حدن ۾ آوازن جي ڀڃڪڙي ڪري خوف پکيڙڻ چاهي ٿو، هڪ ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته نيتن ياهو غزه جي پٽي ۾ جنگبندي نٿو چاهي.هن چيو ته ٿي سگهي ٿو اسرائيل کي اڪيلو جواب ڏينداسين، ٿي سگهي ٿو پوري مزاحمتي ٽولي سان گڏجي اسرائيل کي جواب ڏينداسين، اسرائيل کي اسان جو جواب سختي سان ايندو.حسن نصرالله چيو ته اتر ۾ اسرائيل جي ڪيميڪل ۽ فوڊ فيڪٽري کي اڌ ڪلاڪ کان به گهٽ وقت ۾ تباهه ڪري سگهجي ٿو، اسرائيلي حملي ۾ ڪمانڊر فواد شڪر جي شهادت سان حزب الله ۽ اسماعيل هنيه جي شهادت سان حماس سميت حزب الله کي به وڏو نقصان ٿيو آهي ڌڪ لڳو.ٻئي طرف حسن نصرالله جي بيان کانپوءِ اسرائيلي شهرن ۾ الارم سائرن وڄايا ويا.