تازا ترين

اويس لغاري جا آءِ پي پيز جي آڊٽ بابت سينيٽ ڪميٽي آڏو اهم انڪشاف

توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ آءِ پي پيز جي فارنزڪ بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن.

سينيٽ جي پاور ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سردار اويس لغاري ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ محمد علي جي رپورٽ ۾ آءِ پي پيز جي آڊٽ ڪرڻ جو چيو هو.

اويس لغاري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جاچ بدران آءِ پي پيز کي ٽياڪري واري عمل ۾ وجهي التوا جو شڪار بڻايو جنهن جو نتيجو اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي.

هن چيو ته اڻپوري رپورٽ تي ٽياڪڙي ٿئي ها ته آءِ پي پيز کي ڪلين چٽ ملي وڃي ها، سندن حڪومت آءِ پي پيز واري معاملي کي سنجيدگي سان مانيٽر ڪري رهي آهي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي آءِ پي پيز جي فارنزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے