وفاقي حڪومت راشد محمود لنگڙيال کي ايف بي آر چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجبپاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي رشد لنگڙيال کي ايف بي آر چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، 21 گريڊ جو آفيسر راشد لنگڙيال سيڪريٽري پاور ڊويزن طور خدمتون انجام ڏئي رهيو.
ياد رهي ته موجودا ايف بي آر چيئرمين امجد زبير ٽوانا وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، ايف بي آر چيئرمين جي مقرري جي سمري وفاقي ڪابينا جي منظوري لاءِ اُماڻي وئي آهي.