تازا ترين

فوج حسينه واجد کي شاگردن جو احتجاج دٻائڻ لاءِ طاقت جي استعمال کان انڪار ڪري ڇڏيو هو: بنگلاديشي فوجي اهلڪار

بنگلاديشي فوج جي حاضر سروس ۽ اڳوڻن آفيسرن، اهلڪارن شيخ حسينه واجد جي مظاهرين کي منهن ڏيڻ جي پاليسي ۽ ان جي ملڪ مان فرار ٿيڻ کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي سان ڳالهيون ڪندي بنگلاديشي فوج جي هڪ حاضر سروس فوجي اهلڪار ٻڌايو ته آرمي چيف ۽ فوجي آفيسرن شيخ حسنيه واجد جي ملڪ ڇڏڻ کان هڪ ڏينهن اڳ گڏجاڻي ڪئي، فوج شاگردن جي احتجاج کي دٻائڻ لاءِ طاقت جي استعمال کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، شيخ حسينه لاءِ واضح پيغام هو ته هاڻ کيس فوج جي حمايت حاصل نه رهي آهي.

اڳوڻن فوجي آفيسرن جو چوڻ هو ته مظاهرا وڌي وڃڻ ۽ وڌيڪ فوتگيون فوج لاءِ شيخ حسينه جي حمايت کي مشڪل بنائي ڇڏيو هو. بنگلاديشي فوج جي هڪ رٽائرڊ برگيڊيئر چيو ته فوجين جي اندر تمام گهڻي بيچيني پکڙيل هئي، اهوئي سبب هو ته حڪومت مخالف مظاهرن ۾ اڳوڻن سينئر فوجي آفيسرن به شرڪت  ڪئي هئي.

ان حوالي سان هڪ ڀارتي عهديدار چيو ته شيخ حسينه واجد کي سفارتي طور تي چيو ويو هو ته ان جو ڀارت ۾ ترسڻ عارضي هجڻ گهرجي، شيخ حسينه جي ڀارت ۾ ترسڻ سان ڀارت جا ايندڙ بنگلاديشي حڪومت سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو خطرو آهي.

پروفيسر محمد يونس ڀارتي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڀارت جا بنگلاديش جي غلط ماڻهن سان سٺا لاڳاپا آهن. ڀارت پنهنجي پرڏيهي پاليسي تي نظر ثاني ڪري.

شيخ حسينه جي ملڪ ڇڏڻ تي موجوده ۽ اڳوڻا بنگلاديشي فوجي آفيسر سخت ناراض آهن، اڳوڻن فوجي آفيسرن جو چوڻ آهي ته شيخ حسينه کي محفوظ رستو نه ڏيڻ گهرجي ها، اها هڪ بيوقوفي آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيخ حسينا واجد پاران بنگلاديش واپسي جو فيصلو؟ پٽ جو اهم بيان سامهون اچي ويو

ڪجهه ڏينهن اڳ بنگلاديش ۾ جاري حڪومت مخالف مظاهرن جي نتيجي ۾ شيخ حسينا واجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے