پ پ اڳواڻ ۽ سينيٽر منظور وساڻ سياستدانن، پي ٽي آءِ ۽ ٻين بابت وڏيون اڳڪٿيون ڪري ڇڏيون.
منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ملڪ ۾ ٻه اڍائي مهينن دوران ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، سٺا ڏينهن نظر اچي رهيا آهن، ويجهي مستقبل ۾ عدليا، ادارن ۽ سياستدانن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته سياستدانن لاءِ ايندڙ ڏينهن سٺا نظر نه پيا اچن، سياستدان ويڙهه بدران جهموريت جي بقا جو سوچين، سياستدان خوش فهمي ۾ نه رهن سندن لاءِ حالتون سٺيون نه آهن، ممڪن آهي ته قومي اسيمبلي ٽٽي وڃي ۽ نگران حڪومت به اچي سگهي ٿي.
منظور وسان اِهو به چيو ته محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪٿي ٻيهر نه ملڪ ۾ وڏي صفائي ٿئي، تحريڪِ انصاف ۽ پي ٽي آءِ باني بند گهٽي ۾ ڦاسي پيا آهن.
هن چيوته پي ٽي آءِ عقل جو استعمال ڪري بند گهٽي مان نڪري سگهن ٿا، کين ان حد تائين نه وڃڻ گهرجي جو واپسي جو پوءِ واپسي جو رستو به نه ملي.
منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان سمجهڻ گهرجي، عمران خان کي هيٺ اچڻو ئي پوندو ۽ سوچي سمجهي فيصلا ڪري، ٿي سگهي ٿو اڳتي اهڙو وقت به اچي جو ڪير ملڪ جو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ تيار نه هجي.