سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس جي مک جوابدار ڄام اويس کي نااهل قرار ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي
اليڪشن ڪميشن لکت ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائيندي چيو آهي ته ڄام اويس گذريل اسيمبلي ۾ ميمبر هو، اسيمبلي جو مدو پورو ٿي چڪو آهي، عدالت جيڪو به حڪم جاري ڪندي ان تي عمل ڪنداسين
صوبائي حڪومت جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، درخواست گذار علي طاهر پاران موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نوجوان ناظم جوکيو کي قتل ڪرڻ بعد جوابدار وارثن کي ديت جي رقم به ادا ڪئي، ديت جي رقم ادا ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته جوابدار ئي قتل ڪيو آهي
درخواست ۾ قتل ڪيس جي جوابدار کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا، چيف جسٽس محمد شفيع صديقي چيو ته ڌريون ايندڙ ٻڌڻي تي تياري ڪري اچن، ڪيس ٻڌڻ بعد قانون موجب فيصلو ڪنداسين، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کان حتمي دليل طلب ڪري ورتا