تازا ترين

وزيراعظم وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهبازشريف چوماسي جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهبازشريف ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي.

ان موقعي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چوماسي جي وڻڪاري مهم شروع ڪئي ويئ آهي، جنهن ۾ 10 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ پوکيا ويندا، چوماسي جي مند خوش ڪرڻ واري آهي، وڻڪاريءَ سان ملڪ خوبصورت ٿيندو.

هن چيو ته 2022ع ۾ موسمياتي تبديلين پاڪستان کي سخت متاثر ڪيو، وڻن سان ماحول بهتر ۽ قدرتي حسن ۾ اضافو ٿيندو، وڻ پوکڻ سان فضائي گدلاڻ ۾ گهٽتائي ٿيندي.

وزيراعظم چيو ته قدرت پاڪتان کي ڪيترين ئي نعمتن سان نوازيو آهي، کين ڏينهن رات محنت ڪري انهن نعمتن مان فائدو وٺندو آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے