تازا ترين

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهد صديق قتل ڪيس جا جوابدار ٽريس، ٽئي مائيٽ نڪتا

لاهور پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر شاهد صديق جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي ٽريس ڪري ورتو.

پوليس ذريعن موجب، شاهد صديق جي قتل ۾ ملوث ٽئي ڀاڙي جا قاتل پيءُ، پٽ ۽ ڀائيٽيو آهن جڏهن ته جوابدار پهريان به ڪيئي ڪيسن ۾ گهربل آهن.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي خلاف اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ڪيئي ڪيس داخل آهن.

ياد رهي ته ان کان اڳ جاچ دوران اِها ڳالهه به سامهون آئي هئي ته مقتول ڊاڪٽر شاهد صديق جي پٽ قيوم دوست سان ڳٺ جوڙ ڪري پيءُ جي قتل جي رٿابندي ڪئي هئي ۽ جوابدار جنوري ۾ پيءَ جي قتل جي ڊيل 50 لک رپين ۾ جڏهن ته ڊاڪٽر شاهد صديق تي ٻيو حملو ٻه ڪروڙ رپين ۾ ڪرايو هو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے