تازا ترين

پي ٽي آءِ باني شيخ مجيب کي هيرو قرار ڏنو، هڪ مجسمو ڪريو ته بيان تبديل ڪيو ويو: عطا تارڙ

 اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته شيخ مجيب کي هيرو قرار ڏيندڙ پي ٽي آءِ باني جي پارٽي ڍاڪا ۾ هڪ مجسمو ڪرڻ تي پنهنجو بيان تبديل ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته آئين چوي ٿو ته فلور ڪراسنگ نٿو ٿي سگهي ڇا اسيمبلي ميمبر کي حلف ڇڏي نئين پارٽي جوائن ڪرائي سگهجي ٿي؟ رول موجود هو ته اميدوار کي 3 ڏينهن جي اندر پارٽي ۾ شموليت ڪرڻي آهي. انهي رول کي هاڻ قانون ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ قانونسازي پي ٽي آءِ تي پابندي طرف ويندي.

هن چيو ته سني اتحاد ڪونسل يا ان جي چيئرمين چونڊن ۾ حصو ئي نه ورتو، هڪ پارٽي جنهن جو پارليامينٽ ۾ وجود نه آهي اوهان انهي کي مخصوص سيٽون ڏئي ڇڏيون. وقت جو ڦيٿو پوئتي موڙيو ويو ۽ اهڙي ڌر کي رليف ڏنو ويو جنهن گهريو ئي نه هو. آئين چوي ٿو ته پارٽي کي مخصوص سيٽون مناسب نمائندگي جي تحت ملنديون. قانوني معاملن ۾ انصاف ٿيندي نظر به اچڻ گهرجي. پارليامينٽ بالادست ادارو آهي جنهن قانون کي هٿي ڏني آهي.

اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بنگلاديش جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. بنگلاديش جي ماڻهن ارادو ۽ همت ڏيکاري آهي انهن جو ٻاهر نڪرڻ تعريف جوڳو عمل آهي. بنگلاديش جي عوام جنهن جدوجهد جو مظاهرو ڪيو اهو تعريف جوڳو آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني شيخ مجيب کي هيرو جي طور تي پورٽريٽ ڪيو. هنن تقريرون ڪيون ته اسان جو اڳواڻ شيخ مجيب جيان آهي، تحريڪ انصاف جي تبديل ٿيندڙ بيان سان مٿو ڦري ويندو آهي.  هو به ٻاهرين مدد گهري رهيا هئا هي به ٻاهرين مدد گهرن پيا. پي ٽي آءِ وارا شيخ مجيب سان ڀيٽ ڪري رهيا هئا هڪ مجسمو ڪرڻ سان موقف تبديل ڪيو ويو. پي ٽي آءِ باني پنهنجي ڀيٽ شيخ مجيب سان ڪئي، جيل مان به شيخ مجيب جون ڳالهيون ڪيون ويون، هاڻ ڇو نٿو چوي ته شيخ مجيب اسان جو هيرو آهي.

عطا تارڙ چيو ته جيڪو يو ٽرن نه وٺي اهو پي ٽي آءِ باني چورائي ئي نٿو سگهي، اوهان جو ڪو نظريو آهي يا نه ان جي خبر نه آهي، ڪو دين ايمان آهي يا نه. ڇا پي ٽي آءِ باني جي ڀيٽ شيخ مجيب سان نه ڪئي وئي، يو ٽرن جي ڊگري ملي ها ته سمورين يونيورسٽي کي گڏيل طور تي پي ٽي آءِ باني کي ڏيڻ گهرجي ها.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جا به ڪرپشن جا اهي ئي معاملا هئا جيڪي بنگلاديش ۾ هئا، اندازو ڪريو ته باهيون ڏيڻ وارا پڇن ٿا ته اسان کي روڪيو ڇو نه ويو.هن چيو ته بيرسٽر گوهر ڪالهه شهباز شريف کي حسينه واجد کان سکڻ جو مشورو ڏنو، ٻڌايو وڃي ته شيخ مجيب کي هيرو قرار ڏيندڙ وڊيوز پي ٽي آءِ جي هينڊلز سان شيئر نه ڪيون ويون؟ جماعت اسان سان ڳالهين جي حوالي سان پڇيل سوال تي وفاقي وزير چيو ته جماعت اسلامي سان بهتر طريقي سان معاملا اڳيان وڌيا آهن، اڄ ڪوشش آهي ته ڳالهين کي حتمي شڪل ڏني وڃي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے