تازا ترين

پڊعيدن – نوشهروفيروز لنڪ روڊ جي مرمت نه ٿيڻ خلاف احتجاج

پڊعيدن – نوشهروفيروز لنڪ روڊ گذريل 20 سالن کان تباھ ھجڻ خلاف علائقي واسي ڳوٺاڻن، سياسي، سماجي ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي پڊعيدن شھر کان شروع ٿي پير صادق، ڪلھوڙا اسٽيشن ۽ ٻين ڳوٺن کان ٿيندي 18 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئه ڪري نوشهروفيروز جي الله واري چوڪ تي پھتي. ان موقعي تي اڳواڻن اقبال راڄپر، ڊاڪٽر فدا حسين ڀيريجو، عبدالسلام سومرو، حبيب مشوري ۽ ٻين چيو ته پڊعيدن روڊ تباھ ٿي ويو آهي. 2022 جي برساتن ۾ روڊ وڌيڪ تباھ ٿيو پر اڃا تائين روڊ جي نه ئي مرمت ٿي نه ئي روڊ تعمير ٿي سگھيو. ھنن چيو ته روڊ ۾ وڏا کڏا پئجي ويا آھن ۽ روڊ مڪمل طور اکڙي ويو آھي جنھن سبب ٽرانسپورٽرن سميت ڳوٺاڻن کي نقصان پھچي رھيو آھي. منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئه ڪرڻو پوي ٿو پر ڪير به روڊ جي مرمت ڪرائڻ لاءِ تيار ناھي. روڊ تباھ ھجڻ ڪري مريضن کي اسپتال ۽ شاگردن کي تعليمي ادارن تائين پھچڻ ۾ وڏيون مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن. چونڊيل نمائيندن به روڊ ڏانھن ڪو توجه ناھي ڏنو. ھنن چيو ته چونڊيل نمائندن به ڪڏھن روڊ ڏانھن توجھ ناھي ڏنو ۽ اليڪشن ۾ آھي ڪوڙا وعده ڪري ووٽ وٺي ويا. ھنن چيو ته پڊعيدن روڊ کي ٻيھر تعمير ڪرايو وڃي ڇاڪاڻ ته ھن روڊ کي ھزارين ماڻھو اچ وڃ لاءِ استعمال ڪري رھيا آھن ۽ روڊ خراب ھجڻ ڪري عوام وڏي عذاب جو شڪار آھن. ھنن چيو ته روڊ جي نئين سر تعمير تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے