ڪراچي ۾ راشد منهاس روڊ تي جوهر آباد ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو
جوهر آباد ويجهو حملي ۾ گوليون لڳڻ سبب ڪانسٽيبل شبير احمد سخت زخمي ٿي پيو، شبير احمد زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾ دم ڏنو
ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق صديقي واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو، واقعي واري هنڌ تان گولين جا 11 خول مليا
پوليس موجب واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪارروائي لڳي رهيو آهي، اهلڪار جي شهادت واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي
هلندڙ سال فائرنگ جي واقعن ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي