تازا ترين

ڪمار سانو بالي ووڊ ۾ ڪم نه ملڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

بالي ووڊ جي ليجنڊري گلوڪار ڪمار سانو انڊسٽري ۾ پلي بيڪ سنگر طور ڪم نه ملڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪمار سانو جو چوڻ هو ته سندس هندي سئنما ۾ سفر انتهائي شاندار رهيو، هاڻي به ماڻهو ملندا آهن، عزت ڏيندا آهن، پيار ملندو آهي پر خبر ناهي ڇو هندي فلمن ۾ سندس آواز کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته بالي ووڊ ۾ هاڻي کيس عزت ملندي آهي پر ڪم ناهي ملندو، پر اِها به خبر ناهي ته سندن پيار سچو آهي يا رڳو ڏيکاءُ آهي.

ڪمار سانو وڌيڪ چيو ته مان سڄي دنيا ۾ شو ڪيان ٿو ، جتي منهنجا چاهيندڙ موجود آهن، جتي به ويندو آهيان اتي شو جون سڀ ٽڪيٽون وڪرو ٿي وينديون آهن

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

تاپسي ۽ وڪرانت جي ” ڦر آئي حسين دلربا“ نيٽ فلڪس تي رليز

بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو ۽ وڪرانت ميسي جي نئين فلم ” ڦر آئي حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے