ڪي اين شاهه ويجھو ڳوٺ ڪوڙو چانڊيو ۾ پراڻي تڪرار تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ھڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻہ ڄڻا زخمي ٿي پيا.
خيرپور ناٿن شاهه لڳ ڳوٺ ڪوڙو چانڊيو ۾ پراڻي تڪرار چانڊيه برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيھڙو گوليون لڳڻ جي نتيجي ھڪ پيرسن 65 ورھين جو فتح محمد چانڊيو موقعي تي مارجي ويو جڏھن تہ 40 ورھين جو آصف چانڊيو ۽ 25 ورھين جو احمد علي چانڊي زخمي ٿي پيا آهن.
زخمين ۽ فوتي کي تعلقه اسپتال خيرپورناٿن شاھ آندو ويو جڏھن ته ٻنھي زخمي ڀائرن آصف ۽ احمد علي چانڊيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيا ويا.
پوليس موجب معاملو زميني تڪرار تان پيش آيو آھي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.