تازا ترين

آسٽريا ۾ آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ جا 3 ڪنسرٽس رد

آسٽريا جي راڄڌاني ويانا ۾ دهشتگردي جي خطري سبب آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ جا 3 ڪنسرٽس رد ڪيا ويا.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سيڪيورٽي اهلڪارن پاران رٿيل حملي جي تصديق کانپوءِ ڪنسرٽ رد ڪيا ويا.

ميڊيا رپورٽس موجب، آسٽريا جي پوليس پڻ 2 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي جن مٿان حملن جي منصوبابندي ڪرڻ جو شڪ آهي.

ڪنسرٽس جي اختيارين موجب اسٽيڊيم ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي جنهن سبب اسان وٽ ڪنسٽرس رد ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو چارو نه هو.

رپورٽن موجب، ٽيلر سوئفٽ کي 8، 9 ۽ 10 آگسٽ تي ويانا جي ارنسٽ هيپل اسٽيڊيم ۾ فن جو مظاهرو ڪرڻو هو، جنهن ۾ هر روز 65 هزار ماڻهن جي شرڪت جو امڪان هو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

تاپسي ۽ وڪرانت جي ” ڦر آئي حسين دلربا“ نيٽ فلڪس تي رليز

بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو ۽ وڪرانت ميسي جي نئين فلم ” ڦر آئي حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے