تازا ترين

ايمل ولي خان جي گهر جو بجلي بل 10 لک رپيا اچي ويو

عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته سندس گهر جو بجلي جو بل 10 لک رپيا اچي ويو آهي، ڪجهه نه ڪجهه وڪرو ڪري بل ادا ڪرڻو پوندو.

پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايمل ولي خان چيو ته هن وقت ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو بجلي آهي، جيڪڏهن عوام کي آءِ پي پيز کان نجات نه ڏياري وئي ته بنگلاديش جو حال سڀني جي آڏو آهي، جيڪڏهن بغير قيادت جي تحريڪ شروع ٿي ته ان کي ڪير به ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته علي امين گنڊاپور ۽ ڪي پي جي گورنر کي ڊرامي بازين مان نڪري قوم لاءِ سوچڻو پوندو، ٻنهي جي پنهنجي پنهنجي ڊيرا اسماعيل خان ۾ علائقن ۾ حڪومت رٽ ئي ناهي، انهن علائقن ۾ پوليس شام کانپوءِ ٿاڻن کان به ٻاهر نه ٿي نڪري.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے