تازا ترين

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اربين رپين جي گهوٻين جو انڪشاف

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اربين رپين جي مالي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي. آڊٽ رپورٽ 2022-23 ۾ 11 ارب 56 ڪروڙ جا اعتراض سامهون اچي ويا.

رپورٽ موجب، مستحقن لاءِ برانچ ليس بينڪنگ اڪائونٽ کولڻ ۾ به گهوٻيون هنيون ويون. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برانچ ليس بينڪنگ اڪائونٽس مان 35 ڪروڙ 56 لک رپيا گم آهن.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو برانچ ليس بينڪنگ اڪائونٽس ۾ اڻ لاڳاپيل ماڻهن جا موبائيل نمبر استعمال ٿيا. غير مجاز شاگردن کي ٽيوشن فيس ۽ اسڪالرشپ جي مد ۾ 11 ڪروڙ 45 لک رپين جي ادائيگي ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته مستحقن جي اڪائونٽ مان 8 ڪروڙ 39 لک رپيا ڦير گير ڪري ڪڍريايا ويا. رقم اڻ تصديق ٿيل طريقي سان ٻين ضلعن جي اي ٽي ايمز مان ڪڍرائي وئي، 19 اي ٽي ايم تي 80 هزار ٽرانزيڪشنز جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويو.

رپورٽ موجب، ڳورهارين عورتن جي مشڪوڪ رجسٽريشن جي مد ۾ 42 ڪروڙ 49 لک رپين جي ادائيگي ٿي. عورتن ۾ رقم ورهائڻ ۽ پوءِ ٻارن جي رجسٽريشن نه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ دوران فنڊز ۾ 1 ارب 70 ڪروڙ جون گهوٻيون هنيون ويون ۽ ريڪوري نه ٿي سگهي. بي آءِ ايس پي فنڊز مان ملازمن کي 22 ڪروڙ 43 لک اعزاز ڏنو ويو.

رپورٽ موجب، سرڪاري ملازمن جي گهرڀاتين ۽ پينشنرز کي 8 ڪروڙ 98 لک رپيا ضابطن جي خلاف ادائيگي ٿي، بجيٽ مان ٻين کاتين جي ملازمن کي اعزازيو ويو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے