سريلنڪا جي سرزمين تي 27 ورهين بعد ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي يقين نه ڪرڻ جوڳي شڪست تي شوقينن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڀارتي ڪپتان روهت شرما شڪست کي مذاق قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ست آگسٽ تي ڪولمبو جي آر پراماداسا ڪرڪييٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارت کي سريلنڪا هٿان ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ 110 رنسن تان شڪست جون منهن ڏسڻو پيو هو.
ان ناڪامي کانپوءِ نه رڳو ڀارتي ٽيم ٽن ميچن جي سيريز 2-0 تان هارائي وئي پر سريلنڪا ڀارت خلاف پنهنجي سرزمين تي 27 ورهين بعد سيريز کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي.
ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فاتح ٽيم لاءِ سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز نه رڳو پهريون امتحان هئي پر ويجهڙائي ۾ هيڊ ڪوچ جي ذميواري سنڀاليندڙ گوتم گمڀير لاءِ به پهريون چئلينج هئي.
سيريز ۾ شڪست تي نه رڳو ڪپتان ۽ رانديگرن کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي پر هيڊ ڪوچ به شوقينن جي نشاني تي آهي.
مناف پٽيل نالي ايڪس واهپيدار پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته سريلنڪا خلاف سيريز شروع ٿيڻ کان اڳ ڪنهن کي به اميد نه هئي ته ان جو اهڙو نتيجو نڪرندو، ڀارتي ٽيم کي پنهنجي غلطين تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته اسپنرز کي کيڏڻ اسان جي طاقت هئي، پر سريلنڪن اسپنرز خلاف بيٽرز جي ڪارڪردگي سڀ کان هيٺين درجي تي هئي.
ميچ کانپوءِ ڪپتان روهت شرما چيو ته سريلنڪا هٿان شڪست ڳڻتي جوڳي ڳالهه نه آهي، پر هر رانديگر کي ان تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته اِها مذاق آهي جڏهن ته اوهان ڀارت لاءِ کيڏي رهيا آهيو ته اوهان لاءِ شيون آسان نه هونديون آهن.
هن اعتراف ڪيو ته سريلنڪن ٽيم ڀارت کي ٽنهي شعبن ۾ آئوٽ ڪري ڇڏيو ۽ اِها ٽيم فتح جي حقدار هئي.
هڪ صارف لکيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ وٽ ڪو جواب آهي مسلسل ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بااعتماد مڊل آرڊر بيٽرز ڪي ايل راهول کي ٽيم مان ڇو ڊراپ ڪيو ويو؟
الوڪ شري واستو نالي واهپيدار الزام لڳائيندي لکيو ته گوتم گمڀير ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي تباهه ڪري رهيو آهي.
پريس ڪانفرنس ودران سيريز ۾ ڪجهه تبديلين تي روهت شرما چيو ته سريلنڪن ڪنڊيشنز کي نظر ۾ رکندي ڪمبينيشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته جيئن رانديگرن جي صلاحيتن کي پرکي سگهجي .
هن چيو ته هاڪاري سوچ کي هڪ پاسي رکندي ڪيئي اهڙا شعبا آهن جن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.