تازا ترين

سنڌ ۾ بچايو ڇا آهي؟ ندي تي قبضو ٿيو، اسڪولن ۽ ڪاليجن تي قبضو ٿيندو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ۾ ڪي ڊي اي جي غلطي جي قيمت هڪ شهري کي ڀوڳڻي پئجي وئي. ملير ندي ۾ 10 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جي تڪرار تان عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

عدالت زمين صوبائي حڪومت حوالي ڪري ڇڏي. عدالت چيو ته زمين ڪي ڊي اي جي ملڪيت نه آهي. عدالت سرڪاري وڪيل کي چيو ته سنڌ ۾ بچايو ڇا آهي؟ ندي تي قبضو ٿيو آهي، اسڪولن ۽ ڪاليجن تي قبضو ٿيندو؟

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ملير ندي جي زمين تي پاڻ ۾ وڙهندا؟ ڇا ملير ندي ۾ پاڻي آهي؟ زمين جي تڪرار واري معاملي جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪئي.

عدالت روينيو کاتي جي درخواست منظور ڪري زمين سنڌ حڪومت حوالي ڪئي. فيصلي ۾ چيو ويو ته ري ڪليم زمين ڪي ڊي اي جي ملڪيت نه آهي.

درخواست گذار جو موقف هو ته ڪي ڊي اي هن زمين جي بدلي اسان کي ڪورنگي ۾ زمين ڏني هئي. عدالت چيو ته ملير ندي جي ويڪر ۽ ڊيگهه ڪيتري آهي؟ آفيسر ويڪر ۽ ڊيگهه ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهيا.

اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چييو ته ڪي ڊي اي سنڌ حڪومت جي مرضي کانسواءِ زمين نٿو ڏئي سگهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے