پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي تعليم بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
گذريل ڏينهن ڪاميٽي اجلاس ۾ بشريٰ انجم بٽ عرفان صديقي کي ڳالهائڻ کان روڪيو هو.
اجلاس ۾ سينيٽر فوزيا ارشد ۽ خالدا اطيب بشريٰ انجم بٽ کي عرفان صديقي کان معذرت ڪرڻ جو چيو هو.
بشريٰ انجم بٽ جي معذرت تي عرفان صديقي معافي قبول ڪري ورتي هئي. عرفان صديقي سينيٽ ۾ ن ليگ جو پارلياماني ليڊر ۽ بشريٰ انجم ن ليگ جي سينيٽر آهي.