تازا ترين

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو هاڪاري ڏينهن

 پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾اڄ ڪاروبار لاءِ مثبت ڏينهن رهيو. اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس 759 پوائنٽس جي واڌ سان 77 هزار 874 تي بند ٿيو.

معاشي تجزيه نگار شنڪر تلريجا موجب مارڪيٽ ۾ ماڙي پيٽروليم جي بهترين نتيجن سبب اڄ مارڪيٽ ۾ مثبت ڏينهن رهيو، ماڙي پيٽروليم ڪمپني پنهنجي شيئر هولڊرز کي بونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اڄ ڪاروباري ڏينهن دوران 100 انڊيڪس 883 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو.

مارڪيٽ ۾ اڄ 49 ڪروڙ شيئرز جا سودا 25 ارب 84 ڪروڙ رپين ۾ طئي ٿيا، مارڪيٽ سرمائيداري 98 ارب رپين کان وڌي 10 هزار 402 ارب رپيا ٿي وئي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽس ۾ 6 هزار 400 ارب ڊالر ٻڏي ويا

ٽن هفتن دوران دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽس ۾ سيڙپڪارن جا 6 هزار 400 ارب ڊالر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے