سپريم ڪورٽ جي شريعت اپيليٽ بينچ ٻٽي قتل ۽ زيادتي جي ڏوهه ۾ موت جي سزا آيل جوابدار کي 21 سالن کانپوءِ ثبوتن جي کوٽ ۽ شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني شريعت اپيلٽ بئنچ ٻٽي قتل ۽ زيادتي جي ڏوهه ۾ سزا آيل جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.
سپريم ڪورٽ جي شريعت اپيليٽ بينچ 21 سالن کانپوءِ جوابدارن کي ثبوت نه هجڻ ۽ شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو.
وزيرآباد جي ايڊيشنل جج 2004 ۾ جوابدار کي موت جي سزا ۽ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. وفاقي شرعي عدالت 2012ع ۾ جوابدارن جي سزا برقرار رکي هئي.
جوابدار 2012ع ۾ وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي. 6 سالن کانپوءِ 2018ع ۾ سپريم ڪورٽ جي شريعت اپيليٽ بينچ جوابدار جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي هئي.
چيف جسٽس فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ شريعت اپيليٽ بينچ 6 سالن کانپوءِ ٻڌڻي ڪئي ۽ جوابدارجي اپيل منظورڪئي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پوليس صحيح جاچ نٿي ڪري، ثبوت ڇو نه گڏ ڪيا ويا؟ پوليس پنهنجو ڪم نه ٿي ڪري ۽ عدالتن مان اميد ٿي لڳائي ڇڏي ته جوابدار کي جج ڦاهي ڏئي ڇڏيندا.