تازا ترين

ايران کي شاهين ميزائل ڏيڻ جون خبرون، پرڏيهي کاتي جو بيان اچي ويو

پاڪستان ايران کي شاهين ٿري ميزائل ڏيڻ بابت رپورٽس رد ڪري ڇڏيون.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته نائب وزيراعطم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي عرب جو دورو ڪيو ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، نائب وزيراعظم ڪانفرنس ۾ غزه تي اسرائيل طرفان جاري بربريت تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو.

ممتاز زهرا بلوچ چيو ته هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ پاڪستان ڪشمرين سان يڪجهتي طور يومِ استحصال ملهايو، پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ عسڪريت پسندي ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جا ڀارتي الزام رد ڪري ٿو.

آمريڪا ۾ گرفتار پاڪستاني شهري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ان حوالي سان آمريڪي بيان ڏٺو آهي جڏهن ته معاملي تي آمريڪي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے