بالي ووڊ اداڪارا تاپسي پنو ۽ وڪرانت ميسي جي نئين فلم ” ڦر آئي حسين دلربا “ نيٽ فلڪس تي رليز ڪئي وئي آهي.
جئه پرساد جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم جي ڪهاڻي ڪانيڪا ڍلون لکي آهي، سيڪوئيل اتان شروع ٿئي ٿو ته جتي پهريون پارٽ ختم ٿيو هو.
” ڦر آئي حسين دلربا“ ۾ تاپسي پنو ۽ وڪرانت ميسي پنهنجي پراڻي ڪردارن راني ڪيشيپ ۽ رشڀ سڪسينا طور نظر ايندا.
فلم ۾ جِمي شيرگِل به مک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو راني ۽ ريشو وچ ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ريشو کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي