کڏهر لڳ مھراڻ ھائي وي تي بکر جمالي لڳ نوابشاهه کان نيوسعيدآباد ويندڙ ڪار ۽ موٽرسائيڪل جو زوردار ٽڪر نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ عيسا خاصخيلي واسي 14 ورهين جو راشد خاصخيلي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ٻيو ڄڻو 10 ورهين جو جنيد خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو.
اهڙي اطلاع تي وارثن پھچي ايمبولينس ذريعي لاش ۽ زخمي کي نوابشاهه اسپتال کڻي ويا جتي فوتي راشد خاصخيلي جي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.