جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن طرفان گوڙ ڪرڻ تي ايوان جي گيلري ۾ موجود سعودي وفد ۾ شامل مسجد نبوي جي امام ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير ۽ ٻين کان معذرت ڪئي.
قومي اسيمبلي سيشن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ڪوٽا سسٽم ۽ ٻين معاملن تي خطاب ڪيو ته مخالف ڌر نعريبازي ڪئي ۽ گوڙ ٿي پيو.
مصطفيٰ ڪمال بلاول جي تقرير جي جواب ۾ تنقيد ڪئي پوءِ مولانا فضل الرحمان کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو.
هن چيو ته مسجد نبوي جو امام اسان جو امام آهي روايتن کي برقرار رکندي اسان کي پنهنجي داخلي معاملن کي اهميت نه ڏيڻ گهرجي پر سعودي عرب جي دوستي، سندن لاڳاپن، حرمين شريفين جو احترام ۽ فضيلت، مسلمانن جي وحدت جي علامت جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته جيڪو ماحول ايوان ۾ پيدا ٿيو ان تي ايوان جي ميمبر جي حيثيت سان سعودي وفد ۽ مهمانن کان معذرت ڪريان ٿو.