تازا ترين

مهانگائي ۾ مسلسل واڌ، مهانگائي جي شرح 17.96 سيڪڙو رڪارڊ

ملڪ ۾ هلندڙ مالي سال 2025-24ڳ جي وفاقي بجٽ تي عملدرآمد کانپوءِ مهانگائي جي شرح ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿيو آهي ۽ گذريل هفتي دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. مهانگائي جي شرح پڻ سالانه بنيادن تي وڌي 17.96 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

وفاقي شماريات واري اداري پاران جاري ڪيل مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ موجب ڪڪڙ جي اگهه ۾ 0.52 سيڪڙو، ٿوم 3.23 سيڪڙو، آلو 0.70 سيڪڙو، بصر 32.23 سيڪڙو، ايل پي جي 1.73 سيڪڙو، دال چڻا جي اگهه ۾ 0.95 سيڪڙو، آنن جي اگهن ۾ 4.28 سيڪڙو، دال ماش جي اگه ۾ 0.97 سيڪڙو، دال مونگ جي قيمت ۾ 0.83 سيڪڙو،باهه ٻارڻ واري شين جي قيمتن ۾ 0.56 سيڪڙو ۽ سگريٽ جي اگهن ۾ 0.09 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ ۾ وي پي اين کي بلاڪ نٿا ڪري سگهون،ان سان ڪاروبار کي نقصان پهچندو: پي ٽي اي اختياريون

 پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) جي اختيارين چيو آهي ته ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ(وي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے