پشاور هاءِ ڪورٽ 9 مئي سانحي جي جڊيشل ڪميشن لاءِ ججن جي مقرري تي معذرت ڪري ڇڏي آهي
ذريعن موجب، پشاور هاءِ ڪورٽ فيصلي کان خيبرپختونخواهه حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان چيو ويو آهي ته موجوده صورتحال ۾ 9 مئي جي واقعن لاءِ جوڊيشل ڪميشن نه ٿو ٺاهي سگهجي.
رجسٽرار پشاور هاءِ ڪورٽ ان حوالي سان صوبائي حڪومت کي خط موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت طرفان جڊيشل ڪميشن جي قيام لاءِ موڪليل درخواست موجوده حالتن ۾ ممڪن ناهي