لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي لاهور ۾ 14 آگسٽ تي جلسي جي اجازت لاءِ داخل درخواست تي ڊي سي لاهور کي جلسي جي جاءِ ٻڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
جلسي جي اجازت نه ملڻ تي جسٽس علي باقر نجفي اڪمل خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
سرڪاري وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ وارا 27 کانپوءِ درخواست ڏين.
درخواست گذار جي وڪيل چيو ته 26 کانپوءِ ڪا تاريخ ڏيو، اسان 27 تي حلفي بيان ڏين ٿا، سرڪاري وڪيل چيو ته 26 آگسٽ کانپوءِ درخواست ڏئي ڇڏيو، جلسي جو هنڌ ٻڌائينداسين.
ڊي سي لاهور رافعه حيدر عدالتي حڪم تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي. عدالت ڊي سي کي جلسي واري هنڌ جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.